26 جمعو , مئي 2017

سنڌ طاس معاهدو: ڳالهين لاءِ ڀارتي وفد لاهور رستي اسلام آباد پهچي ويو

Baglihar Hydroelectricلاهور (ويب ڊيسڪ) سنڌ طاس معاهدي تي ڳالهين جي لاءِ ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا 10 رڪني وفد سان واهگا بارڊر رستي لاهور پهچي ويو آهي، جيڪو سخت حفاظتي انتظامن ۾ موٽر وي رستي اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي، ٻنهي ملڪن ۾ 2 سالن کان پوءِ وري ڳالهيون اسلام آباد ۾ 21 مارچ تائين جاري رهنديون، جتي چناب درياهه سان لاڳاپيل مختلف منصوبن تي ڳالهه ٻول ڪئي ويندي، ڀارتي وفد 3 ڏينهن اسلام آباد ۾ رهڻ دوران چناب درياهه تي ٺهندڙ مختلف اڏاوتي منصوبن تي ڳالهيون ڪندو، ڀارتي وفد 21 مارچ اڱاري جي ڏينهن واهگا بارڊر رستي واپس ڀارت روانوٿي ويندو. ياد ريه ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سنڌ طاس معاهدو 1960 ۾ طئي ٿيو هو، بياس راوي ۽ ستلج جو پاڻي ڀارت کي ملي ويو جڏهن ته چناب، جهلم ۽ سنڌو درياهه جو پاڻي پاڪستان جي حصي ۾ ايندو. معاهدي تحت هر سال ٻنهي ملڪن جو هڪ اجلاس لازمي قرار ڏنو ويو هو جيئن معاهدي تي سئو سيڪڙو عمل ٿي سگھي ۽ تڪراري معاملا ويهي طئه ڪري سگھجن.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

Riyaz Pirzasda

وزير اعظم رياض پيرزادي جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف رياض پيرزادي جي استعيفيٰ رد ڪري ڇڏي آهي. …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي