19 جمعہ , جنوری 2018

بابر بٽ جي قتل تي هر ڪارڪن غمگين آهي، پوليس جوابدارن کي تحفظ پئي ڏئي: اعتزاز احسن

Aitzaz Ahsanلاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ۽ سينيٽر اعتزاز احسن پ پ جي مقتول اڳواڻ بابر بٽ جي گھر پهچي ويو، بيريسٽر اعتزاز احسن بابر بٽ جي گھرن وارن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽيءَ جو هر ڪارڪن بابر بٽ جي قتل تي غم ۾ ورتل آهي، سندس قتل تي سڄو علائقو سوڳوار آهي، سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته بابر بٽ جو قتل ناقابل ڀرڻ جوڳو نقصان آهي، پوليس پنهنجي ڪارروائي صحيح نموني نه پئي ڪري، پوليس ڏوهارين کي تحفظ ڏئي رهي آهي، پنجاب غير علائقو بڻجي ويو آهي، شوڪت بسرا تي حملي جي جاچ به درست نه پئي ٿئي، پاناما ڪيس ۾ رڳو 2 خط پيش ڪيا ويا آهن.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے