26 جمعو , مئي 2017

ماکي جا ڪجهه اهم فائدا جنهن کان توهان اڻڄاڻ هوندا

honey سڊني(ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي ماهرن ثابت ڪيو آهي ته نيوزيلينڊ جي انوڪا ماکي هرقسم جي جراثيمن (بيڪٽريا) کي ماري سگهي ٿي ۽ ان ۾ اهڙا بيڪٽريا شامل آهن جيڪي ڪنهن به اينٽي بايوٽڪ دوا سان ختم ناهن ٿيندا. ماهرن پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته انوڪا ماکي ۾ قدرتي طور تي جراثيم کي مارڻ جي صلاحيت موجود هوندي آهي جيڪا”ايم آر ايس اي“ جهڙي خطرناڪ جراثيمن کي به آساني سان ماري سگهي ٿي. پنهنجي مزاحمت تحت بيڪٽريا هن وقت عالمي طب جي اهم ترين ۾ مسئلن ۾ شامل ٿي چڪا آهن ۽ انوڪا ماکي ان جراثيمن کي آساني سان ماري ڇڏيندي آهي. ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هن ۾ اهڙي (اينزائمز) جي نالي سان خامي موجود هوندي آهي جيڪا جراثيمون کي مارڻ ۾ اهم ڪردار اداڪندي آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

00

ايٿوپيا جو ٽيڊروز صحت جي عالمي اداري جو نئون سربراهه چونڊجي ويو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): ايٿوپيا جو اڳوڻو صحت وارو وزير ٽيڊروز ايڊهانوم صحت جي عالمي اداري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي