24 جمعو , مارچ 2017

ڪراچي ايڊز جي مريضن جو ڳڙهه، ملڪي سطح تي سڀ کان اڳتي

Hospitalڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايڊز جي خاتمي واري پروگرما سنڌ جي غير فعال ٿيڻ ۽ آگاهي جي کوٽ جي ڪري ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي ايڊز جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ اعتبار کان به اڳتي آهي. ايڇ آءِ وي ايڊز هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو مدافعت جي قوت کي گهٽ ڪندو آهي، ايڊز جو مرض شروع ٿيڻ کان پهرين ان کي شڪار فرد کي ايڇ آءِ وي ٿيندو آهي، جيڪو بعد ۾ ايڊز جي صورت اختيار ڪندو آهي، ايڇ آءِ وي ايڊز جي علامت ۾ کهنگ ۽ زڪام کان وٺي بخار ۽ جسم مان رت نڪرڻ تائين شامل آهي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر هيلٿ ڪراچي ڊاڪٽر نديم شيخ جو چوڻ آهي ته بدقسمتي سان پاڪستان جو شمار دنيا جي انهن ملڪن ۾ ٿيندو آهي جتي ان مرض بابت آگاهي جي کوٽ آهي ۽ ان کي معاشرتي برائي جي طور تي وڌيڪ سڃاڻيو ويندو آهي. سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جي ماتحت هلندڙ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ڳالهه ڪئي وڃي ته 20 سالن جو رڪارڊ ڪراچي ۾ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز جي سڀ کان وڌيڪ مريضن جو انڪشاف ڪندو آهي ٻئي نمبر تي ضلعو لاڙڪاڻو آهي. ٻئي پاسي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر علي منڌري جو چوڻ آهي ته جيلن ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ايڇ آءِ وي جي اسڪريننگ نه پئي ڪئي وڃي ۽ دوائون به گهٽ آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Rana Sanaullah

سپريم ڪورٽ جو احترام ڪندا آهيون، قوم کي انصاف ملندو: راڻا ثناءُ الله

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي