24 سومر , سيپٽمبر 2018

گستاخ مواد ڪيس: پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ ناروي جو آئين نه ٿو هلي سگھي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

Islamabad High courtاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد بابات ڪيس دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقيءَ چيو آهي ته پاڪستان جو پنهنجو آئين موجود آهي هتي ڊئنمارڪ يا ناروي جو آئين نه ٿو هلي سگھي، جسٽس شوڪت عزيز صديقيءَ جي سربراهيءَ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گستاخ مواد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي عدالت ايف آءِ اي عملدارن کان ڪيس ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفيصل معلوم ڪيا جنهن تي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جواب ڏنو ته تڪراري پيجن بابت 70 کان وڌيڪ ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، فيس بڪ انتظاميا جي جواب انتظار آهي، ايف آءِ اي عملدارن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا ۾ ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرن جي لاءِ وڪيلن سان صلاحُن ڪيون ويون آهن جڏهن ته انٽرپول سائبر ونگ سان ان بابت رابطو ڪيو آهي، ان کان سواءِ واشنگٽن ۾ هڪ آڦيسر کي به مقرر ڪيو ويو آهي‏، جسٽس شوڪت عزيز صديقيءَ رمارڪس ڏنا ته ڪهاڻيون نه ٻڌايون وڃن، حساس معاملو آهي، اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو، پاڪستان جو پنهنجو آئين موجود آهي هتي ڊئنمارڪ يا ناروي جو آئين نه هلندو، عدالت ايف آءِ اي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته نبي ڪريم صلعم جي شان ۾ گستاني ڪندڙن جو مقصد ڇا آهي، جنهن تي ايف آءِ اي عملدارن طرفان ٻڌايو ويو ته ان جو مقصد پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ آهي، عدالت طرفان چيو ويو ته سائبر ڪرائم بل 2016ع ۾ گستاخيءَ بابت ڪو قانون شامل نه ڪيو ويو آهي، ڪهڙي اين جي اوز پاڪستان کي سيڪس فري سوسائٽي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جسٽس شوڪت عزيز صديقيءَ رمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي پنهنجو ڪم انجام ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، حساس ادارن جي آفيسرن کي به جاچ جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي، اسان ويلنٽائين کي روڪرائي سگھون ٿا ته ڪجھه به ڪري سگھون ٿا، ٻڌڻيءَ دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ موجود هڪ شخص ناصر سلطان نبوت جو دعويدار آهي، جنهن تي عدالت چيو ته اسان جي سامهون رڳو جوابدار آهن جن تي الزام آهن، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 22 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

Fake Bank Account Cases: I submitted an earlier pre-report report

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: جي آءِ ٽي پهرين اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے