22 ڇنڇر , جولاءِ 2017

ڪشمش جو پاڻي جيري جي لاءِ فائديمند آهي

Kishmish & Waterڪراچي(ويب ديسڪ) جيرو اسان جي جسم جو اهم ترين عضوو آهي جنهن کي“ويئر هائوس“چوندا آهن ۽ ان عضوي کي توهان ڪشمش جي پاڻي سان وڌيڪ محفوظ ڪري سگهو ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيري جو خيال نه رکڻ جي صورت ۾ اهو ڪمزور ٿي ويندو آهي جنهن جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته ننڍيون بيماريون خطرناڪ ٿي وينديون آهن. جڏهن ته جيري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ روس ۾ صدين کان ڪشمش جو پاڻي استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن مان هاڻ به ڪروڙين ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن. ڪشمش جو پاڻي نه رڳو جيري کي خراب مادن کان بچائيندو آهي پر ان جي قدرتي صلاحتيون کي بهتر ڪندو آهي جنهن جو اثر اسان جي پوري جسم تي پوندو آهي. ڪشمش جو پاڻي تيار ڪرڻ جو اسان طريقو هي آهي ته سڀ کان پهريان اڌ پيالو پاڻي ۽ تقريبن 170گرام ڪشمش کي اوتري ئي هلڪي گرم پاڻي ۾ وجهي 15 منٽ لاءِ ڇڏي ڏيو جنهن کان پوءِ ان کي سادي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو. هاڻي ٿورو پاڻي صحيح طرح سان اُوٻاري ان کي ٿڌو ڪيو ۽ صرف ايتري مقدار ڪشمش واري پيالي ۾ وجهو جنهن ۾ ڪشمش سٺي نموني ٻڏي وڃي. ان کي 24 ڪلاڪن لاءِ ڪنهن شئي سان ڍڪي رکي ڇڏيو. ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪ گذري وڃڻ کان پوءِ ان پاڻي کي کلن کان الڳ ڪريو ۽ پوءِ اهو پاڻي خالي پيٽ پي ڇڏيو  ۽ ان سان گڏ هي ڪشمش به کائي ڇڏيو، توهان هن عمل کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ۽ رڳو چار هفتا جاري رکو ان کان پوءِ توهان کي پاڻ فرق محسوس ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهو فالج جو شڪار آهن:ماهر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ماهرن چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي جي  لحاظ کان دنيا جو ڇهو وڏو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي