25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن جي عدم حاضري تي اسپيڪر ڪاوڙجي پيو

ayaz Safiqاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وفاقي وزيرن جي عدم حاضري تي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وفاقي وزيرن جي عدم حاضري تي اسپيڪر سردار اياز صادق ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته عام طور تي ايوان ۾ حڪومت جو پارلياماني معاملن وارو وزير شيخ آفتاب موجود هوندا آهن پر اڄ اهي به موجود ناهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد جي ايوان ۾ نه اچڻ تي سندس سرزنش به ڪئي ۽ چيو ته اهو ڪو طريقو ناهي ته توهان ايوان ۾ نه آيا، جيڪڏهن توهان سينيٽ ۾ هئا ته اهو عذر به قابل قبول نه هوندو، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ هڪ ئي ڏينهن سوال نه رکرايا ويا. سردار اياز صادق زاهد حامد کي وارننگ جاري ڪئي ۽ چيو ته ڪيڊ واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري خلاف اليڪشن وٺندس.،

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: Feudal locked school and captured its land

اصغر خان عملدرآمد ڪيس: سپريم ڪورٽ بند ڪمري ۾ بريفنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کي اصغر خان عملدرآمد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے