19 اربع , سيپٽمبر 2018

ملڪ جي 63 ضلعن ۾ گهر ڳڻپ جو سلسلو آخري ڏهاڙي تي به جاري

mardam-shumariڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي 63 ضلعن ۾ گهر ڳڻپ جو سلسلو اڄ آخري ڏهاڙي تي به جاري آهي، گهر ڳڻپ جو ڪم سڀاڻي تائين مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سڀاڻي کان آدمشماريءَ جو سلسلو شروع ٿيندو. ملڪ ۾ 19 سالن کان پوءِ ڇهين آدم شماري ۽ گهر ڳڻپ جو پهريون مرحلو جاري آهي. پهرين مرحلي ۾ اڄ تائين گهرن جـِي ڳڻپ جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته سڀاڻي کان 27 مارچ تائين آدمشماريءَ جو عملو گهر گهر وڃي ماڻهن جـِي ڊيٽا گڏ ڪندو، 28 مارچ تي اهڙن ماڻهن جي آدمشماري ڪئي ويندي جيڪي گهرن ۾ نه رهندا آهن، پهرين مرحلي ۾ سنڌ اندر ڪراچي اولهه، ڪراچي اوڀر، ڪراچي ڏکڻ، سينٽرل ڪراچي، ملير، ڪورنگي سميت حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ گهر ڳڻپ ٿي رهي آهي، پنجاب ۾ لاهور، فيصل آباد، جهنگ، چنيوٽ، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، ڊيرا غازي خان، راجن پور، لـَيا، مظفر ڳڙهه، حافظ آباد، نارووال، سيالڪوٽ، وهاڙي، بهاول پور، پاڪ پتن، اٽڪ ضلعن ۾ گهرڳڻپ ٿي رهي آهي، خيبر پختون خواهه ۾ پشاور، مردان، صوابي، چارسده، نوشهره ، لڪي مروت، ڊيرا اسماعيل خان، هنگو، ايبٽ آباد، هري پور، بٽگرام، تور گــَر سميت قبائلي علائقي اورڪزئي ايجنسي ۾ به گهرڳڻپ جو عمل جاري آهي، بلوچستان ۾ ڪوئيٽا، آواران، لسٻيلا، ڊيرا بگٽي، ڪوهلو، موسيٰ خيل، وشڪ، خاران، قلات، جعفرآباد، نصير آباد، پشين، نوشڪي، لهڙي ۽ تربت ضلعن ۾ گهر ڳڻپ جو عمل هلندڙ آهي، آزاد ڪشمير جي مظفر آباد، باغ، ڪوٽلي سميت پنجن ضلعن جڏهن ته گلگت بلتستان جي گلگت، بلتستان، گانچي، نگر ۽ غضر ضلعن ۾ به گهرڳڻپ جاري آهي، پهرين مرحلي ۾ آدمشماري ۽ گهر ڳڻپ جو عمل 13 اپريل تائين مڪمل ٿي ويندو جنهن بعد ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٻيو مرحلو 25 اپريل کان شروع ٿيندو جيڪو 24 مئي تائين مڪمل ٿيندو.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ آءِ ووٽنگ جي سهولت واري معاملي تي الڪيشن ڪميشن تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي اسمبلي جي 11۽ صوبائي اسمبلي جي 25 تڪن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے