24 جمعو , مارچ 2017

خيبرايجنسي ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي حملو، 2 جوان شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا

FaTaخيبرايجنسي(ويب ڊيسڪ) پاڪ افغان بارڊر تي ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ 2 جوان شهيد جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ افغان بارڊر تي دهشتگردن سرحد پار کان ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو تنهن هوندي پاڪ فوج دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي 6 دهشتگردي کي دوزخ ڀيڙو ڪيو. دهشتگردن جي فائرنگ سبب ايف سي جا 2 جوان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ فورسز جو دهشتگردن خلاف سرچ آپريشن به جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Rana Sanaullah

سپريم ڪورٽ جو احترام ڪندا آهيون، قوم کي انصاف ملندو: راڻا ثناءُ الله

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي