23 جمعرات , نومبر 2017

شبقدر ۾ ايف سي تي حملي جي ڪوشش ناڪام، 2 آپگهاتي بمبار مارجي ويا، 1 جوان شهيد

Khuber Pasچارسده(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي علائقي شبقدر ۾ ايف سي ٽريننگ سينٽر تي دهشتگردن طرفان آپگهاتي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي سيڪيورٽي فورسز ٻن آپگهاتي بمبارن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته هڪ اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي پڻ ٿي پيا. تحصيل شبقدر ۾ مچني جي علائقي عائشه ڪورونا ۾ دهشتگردن ايف سي ٽريننگ سينٽر کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ناڪام بڻايو ويو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 آپگهاتي بمبار مارجي ويا. فائرنگ دوران ايف سي جو هڪ جواب به شهيد ٿي ويو جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد جي لاءِ ٽي ايڇ ڪيو شبقدر منتقل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميجر اسحاق شهيدن جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو، قوم عظيم پٽ کي ياد رکندي: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ميجر اسحاق شهيدن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے