24 سومر , اپريل 2017

عوامي آواز  | پاڻ وٽ تحقيق جو مزاج ناهي، محققن کي سهولتون ناهن: ڪمال ڄامڙو | پروگرام : تخليق

ڪاپي ڪلچر سبب نوجوانن جو تحقيق ڏانهن بنهه لاڙو ناهي

غير واسطيدار ماڻهو تحقيقي ادارن جا سربراهه بڻجي ويٺا آهن

براڊڪاسٽنگ سبب تحقيق ۽ لوڪ ادب ڏانهن آيس، پروگرام تخليق ۾ اظهار

ڪراچي (ٽي وي نيوز): ناليواري محقق، ليکڪ ۽ براڊڪاسٽر ڪمال ڄامڙي چيو آهي ته اسان وٽ تحقيق جو مزاج ناهي تنهن ڪري تحقيق ڏانهن نه لاڙو آهي ۽ نه ئي سنجيدگي، اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي ادبي پروگرام تخليق ۾ ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو. ڪمال ڄامڙي چيو ته محققن کي گهربل سهولتون نه ٿيون ملن. غير واسطيدار ماڻهن کي تحقيقي ادارن جو سربراهه بڻايو وڃي ٿو جن کي تحقيق سان ڪا دلچسپي ناهي هوندي. هن چيو ته ڪاپي ڪلچر جو تحقيق تي به خراب اثر پيو آهي. نوجوانن جو تحقيق ڏانهن بنهه لاڙو ناهي. هو محنت، جاکوڙ ۽ فيلڊ ۾ وڃڻ کان لنوائن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ ڪمال ڄامڙي چيو ته براڊڪاسٽنگ جي تجربي کيس تحقيق، لوڪ ادب ڏانهن آندو ۽ براڊ ڪاسٽنگ ۾ مونکي تحقيقي ڪم جي کوٽ ٿي ۽ ان کوٽ کي مون تحقيق ڪري ڪتاب  آڻي پوري ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. هن چيو ته مان جتي به رهيو آهيان ته ٻوليءَ جو ڪارڪن ٿي ڪم ڪيو آهي. ريڊيو تي سنڌي پروگرامن جو وقت گهٽ ٿيو ته وڌائڻ جي جدوجهد ڪيم، لطيف چيئر ۾ اڍائي سالن اندر اسانجي ٽيم يادگار ڪم ڪيا. تحقيقي جنرل ”ڪلاچي“ جو بنياد پيو. ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري کي سمجھڻ لاءِ ڊڪشنري آندي. لطيف بابت چٽا ڀيٽي جو ڪتاب آندو. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪم برابر مثالي آهي پر ادارن سمجھيو ته  بس تحقيق جو ڪم مڪمل آ جيڪو غلط هو. مون ان ڪم کي اڳتي وڌايو آهي. لوڪ گيت کي سهيڙڻ جي ضرورت هي. سگهڙائپ وسيلي لطيفي پيغام جي پرچار جي ضرورت هئي تنهن بابت ”رسالو ڳجھارت“ ڪتاب آندم ۽ ان سلسلي ۾ ثقافت کاتي منظور ڪناسري جي دور ۾ ڪافي مدد ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي چيو ته ريڊيو ۾ نثار ميمڻ ۽ نصير سومرو صاحب منهنجا آئيڊيل رهيا آهن مان تمام گهڻو سکيو ۽ اتساهه ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-04-24-17h00m04s209

عوامي آواز رپورٽ |حيدر آباد کان ڪراچي تائين سنڌ بچايو لانگ مارچ ڪندڙن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو .

حيدرآباد ۾ ٿر کان لانگ مارچ ڪندر عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽اڳواڻن کي آجياڻو ڏنو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي