23 جمعرات , نومبر 2017

عمران خان جي تحريڪ نواز شريف خلاف نه پر پاڪستاني عوام جي خلاف هئي: امير مقام

amir mUqamپشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار انجنيئر امير مقام چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي اصل ايجنڊا تبديلي نه پر اقتدار جي هئي، ٻين تي الزام هڻڻ کان پهريان پنهنجي جھوليءَ ۾ به جھاتي پائڻ گھرجي، عمران خان وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندو آهي پر سندس صوبي ۾ ميرٽ نه آهي، پشاور پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امير مقام جو چوڻ هو ته عمران خان پرويز خٽڪ جي شڪل ۾ خيبر پختون خواهه جي عوام کي تبديلي ڏني، حيرت آهي عمران خان پنهنجي پارٽي ڪيئن ٿو هلائي، عمران خان جي تحريڪ نواز شريف خلاف نه پر پاڪستاني عوام جي خلاف هئي، عمران خان چئي ٿو ته ڪي پي جي وڏي وزير وزير جھڙو ڪو به ڪونهي، ڌرڻن جي ڪري چيني صدر پاڪستان جو دورو ملتوي ڪيو هو، ڌرڻن جي ڪري ملڪ کي نقصان پهتو، عمران خان جواب ڏئي ته ماڻهو پي ٽي آءِ ڇو ڇڏي رهيا آهن.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميجر اسحاق شهيدن جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو، قوم عظيم پٽ کي ياد رکندي: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ميجر اسحاق شهيدن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے