24 جمعو , مارچ 2017

چپن جي حرڪت تي سڃاڻپ ڪندڙ ٽيڪنالاجي تيار

Lipsهانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ته توهان چپن جي حرڪت سان به پاس ورڊ جواستعمال ڪندا ڇو ته هانگ ڪانگ جي ماهرن اهڙي ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي آهي جيڪا صارف کي سندس چپن جي حرڪت جي بنياد تي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿي. هانگ ڪانگ جي  باپٽسٽ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر ڊپارٽمنٽ جي ماهرن اهڙي ٽيڪنالوجي جو پينٽ  به حاصل ڪيو آهي ته جنهن کي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪنهن اداري جي تلاش ڪري رهيا آهن. هن کي استعمال ڪرڻ لاءِ پاس ورڊ جا لفظ زبان سان ادا ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي پر پاس ورڊ چوڻ  جي انداز ۾ چپن کي حرڪت ڏيڻ ئي ڪافي آهي. ماهرن وڌيڪ چيو آهي ته هي نظام بيڪن ۽ مالياتي خدمتون فراهم وارن ٻين اداران لاءِ بطور خاص ثابت ٿي سگهي ٿو ڇوته هن  دور ۾ سيڪورٽي ان ئي ادارن جي سڀ کان وڏو مسئلو رهيِ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Robot

جسم ۾ دوا پهچائڻ لاءِ کائڻ وارو روبوٽ تيار

اسٽاڪ هوم(ويب ڊيسڪ) سوئزرلينڊ جي ماهرن هڪ اهڙو هضم ٿيڻ وارو روبوٽ تيار ڪيو آهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي