25 بدھ , اپریل 2018

سنڌهاءِ ڪورٽ جو جسٽس سعيد الدين ناصر دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويو

JAJ Nasirحيدرآباد(ويب ڊيسڪ) سنڌهاءِ ڪورٽ جو جسٽس سعيد الدين ناصر حيدر آباد سرڪٽ بئنچ جي ججز لاجز ۾ دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.جسٽس سعيد الدين ناصر سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي بعد ججز لاجز ۾ موجود هو ته اوچتو کيس دل ۾ تڪليف ٿي جنهن کي اسپتال نيو ويو لمس اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ اسپتال انتظاميا جسٽس سعيد جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته هو اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري چڪو هو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جو مڙهه تدفين لاءِ ڪراچي آندو پيو وڃي.جسٽس سعيد الدين ناصر کي دل ۾ تڪليف ٿيڻ واري خبر ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ هليڪاپٽر ڏيڻ جو به حڪم جاري ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 2 اغوا ڪندڙ مارجي ويا، 7 سالن جو مغوي ٻارڙو بازياب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊفينس ۾ پوليس مقابلي ۾ ٻه اغوا ڪندڙ مارجي ويا جڏهن ته 7 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے