20 اربع , سيپٽمبر 2017

حيدرآباد ۽ سيوهڻ ۾ گهرن جي ڳڻپ وارو عمل جاري

Hyderabad Sindh mapحيدرآباد(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۽ سيوهڻ ۾ ڇهين آدمشماري جي پهرين مرحلي شروع ٿيڻ بعد گهرن جي ڳڻپ وارو عمل آهي، سڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن. حيدرآباد ۾3 سئو 51 سرڪل، 272 چارجز ۽ 2 هزار 69 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن، جن مان 32 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. آدمشماري جي عملي کي فوج، رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار سڪيورٽي فراهم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عملي کي 350 گاڏيون به فراهم ڪيون ويون آهن. سيوهڻ ۾ به آدمشماري جي پهرين مرحلي شروع ٿيڻ بعد گهر شماري وارو عمل جاري آهي، جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن. سيوهڻ ۾ 123 ٽيمون جوڙيون ويون آهن،34 سرڪل  ۽ 276 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن، جن ۾ 10 يونين ڪائونسل به  شامل آهي ٽنڊو ڄام ۾ به گهرن کي ڳڻپ وارو عمل جاري آهي، جڏهن ته تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي ۾ 5 چارجز، 28 سرڪل ۽ 356 بلاڪ ٺاهيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ ميڪ اپ تيار ڪندڙ فيڪٽريءَ ۾ ڌماڪو، هڪ پورهيت فوت 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڄ صبح ڪراچي جي شاهراه فيصل تي نرسري وٽ  عورتون جي ميڪ اپ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي