25 سومر , سيپٽمبر 2017

پختونن سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ نه رڪيو ته پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏينداسين: محمود اچڪزئي

Mehmood Khanڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) پختونخواهه ملي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته جيڪڏهن ۾ پختونن سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ جو سلسلو نه رڪيو ته اسان پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏينداسين، افغانستان تي سوويت حملي کان پوءِ جنگ جو آغاز ٿيو ۽ هاڻ دنيا جي ذميواري آهي ته افغانستان کي ترقي يافته بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اتان دهشتگردي جي خاتمي ۾ مدد ۽ سهڪار ڪري پاڪستان افغانستان ۾ مداخلت روڪي ته 80 سيڪڙو مسئلا حل ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي. هن چيو ته حڪمرانن کي گهرجي ته پشتونن کي سڃاڻپ ڪارڊ جي نالي تي بند ڪرڻ جو سلسلو فوري طور روڪي ۽ پشتونن تي تشدد نه روڪيو ويو ته اسان پارليامينٽ مان استعيفيٰ ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت جي طرفي کان پوءِ فاٽا دهشتگردن جو مرڪز بڻيو، فاٽا کي دهشتگردن جو مرڪز ڪنهن بڻايو اها سڀني کي خبر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

لاهور( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي