23 جمعرات , نومبر 2017

چئن سالن تان وفاق ڪجھه نه ڪيو، هاڻ کين سنڌ ياد آئي آهي: مولا بخش چانڊيو

Mola bux chandioحيدرآباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته وفاقي حڪومت چئن سالن تائين سنڌ لاءِ ڪجهه نه ڪيو، آخري ڏينهن ۾ کين سنڌ ياد اچي وئي آهي. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊئي وفاق ۽ وزيراعظم نواز شريف تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ماڻهو ميان صاحب کي سمجهي ويا آهن. هن چيو ته نواز شريف جي سکڻي اعلان سان ڪم نه هلندو، ميان صاحب سنڌ واسين لاءِ ٺلا اعلان ۽ مال وري لاهور ۽ مائٽن لاءِ رکيو آهي. مولابخش چانڊئي چيو ته نواز شريف ٺٽي آيو پر ڪجهه قدم اڳتي کڻي قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي نه ويو، وفاق ڪرڪيٽ کٽي محسوس پيو ڪرائي ڄڻ انهن ايٽم بم تيار ڪري ورتو آهي. ان موقعي تي مولابخش چانڊئي فوجي عدالتن کي پيپلز پارٽيءَ جي اصولن خلاف قرار ڏنو ۽ چيو ته سڄي دنيا ۾ دهشتگردي خلاف قانون آهن، هــُو چاهين ٿا ته انصاف جا سمورا پاسا پورا ڪيا وڃن.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جي دور ۾ پيسن تي ڀرتيون ٿيون، کاتي ۾ جايون ئي ڪو نه هيون: ڄام مهتاب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي تعليم واري وزير ڄام مهتاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے