24 خميس , مئي 2018

ٽريفلگر اسڪوائر منهنجي خوابن جي دنيا هئي!

ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

آءٌ جڏهن کان لاس اينجلس پهتو هوس،، ته بوسٽن (آمريڪا) مان ڀاءُ ٽيڪم مٽائي مون سان روز فون تي ڪجهه دير ڳالهائيندو رهندو هئو. هو دراصل هاسانند روهڙا جو دوست هئو ۽ سندس فون ڪرڻ جو مقصد صرف هڪ ئي هئو ته ڪڏهن ڪنهن تڪليف مهل مون لاءِ مددگار ٿي سگهي! هتي نيوجرسيءَ ۾ هن مون کي اهو به چيو ته بوسٽن ۽ نيوجرسيءَ جي وچ تي ڪٿي اسان گڏجون؛ پر ان مهل مان ته پنهنجي طرفان ايترو ڪجهه به ڪونه سگهان ها! بهرحال اها هن جي شرافت هئي جو آمريڪا جي گهماگهميءَ واري زندگيءَ ۾ سينئر انجنيئر جي عهدي تي فائز هوندي آفيس مان به ٽائيم ڪڍي روز مون سان فون تي ضرور ڳالهائيندو رهندو هئو. اُهو ساڳيو ئي جذبو سريش، بندو، نيرج ۽ رويءَ ۾ به هئو ۽ موٽ ۾ آءٌ  ته هنن لاءِ صرف رب پاڪ کان دعا ئي پئي گهري سگهيس!

جيئن جيئن ڏينهن گذرندا پئي رهيا ته نيويارڪ- نيوجرسيءَ ۾ سيءُ به تڪڙو تڪڙو وڌندو پئي ويو. اهو ئي سبب آهي جو تهه سياري ۾ اُتي روڊن تان ڪچرو هٽائڻ بجاءِ بلڊوزر سان برف هٽائي ويندي آهي ته جيئن وهيڪلس هلي سگهن ۽ فوٽ پاٿ تي ماڻهو به گهمي سگهن.  شام جا 6:30 بجه ٿيا هئا، جو سپنا مون کي چيو ته ڏه منٽن ۾ نوين کي ”ميٽرو پارڪ“ اسٽيشن تان وٺڻ هلڻو آهي. پرائي ملڪ ۾ سپنا جي پنهنجائپ مونکي ڏاڍي سٺي لڳي رهي هئي. مون کي ته صرف بوٽ ئي پائڻو هئو؛ پر هوءَ سچ پچ به ڏه منٽن ۾ تيار ٿي پنهنجي ڪار تي ڪملا ۽ مون کي ”ميٽرو پارڪ“ لوڪل ريلوي اسٽيشن تي وٺي هلي.

اسين ”ميٽرو پارڪ“ ريلوي اسٽيشن تان نوين کي کنيوسين، پوءِ ته نوين پاڻ ئي ڊرائيونگ ڪندي هڪ مندر ڏانهن وٺي هليو؛ جيڪو هڪ بنگلو جي وشال بيسمينٽ ۾ واقع هئو. بيسمينٽ لاءِ ڏاڪڻ ۾ هيٺ لٿاسين ته اُتي ڪو سينسر لڳايل هئو جو بلب پنهنجو پاڻيهي ٻري ويو. هيٺ هڪ وڏو هال هئو. اسين بوٽ لاهي واش بيسن مان هٿ ڌوئي ورانڊو ٽپي اندر آياسين ته صرف پنج ست ماڻهو عورت ۽ مرد گڏجي شري رام، سيتا، لڪشمڻ ۽ هنومان جي مورتيءَ اڳيان صدق وچان آرتي ڪري رهيا هئا. اسان به کانئن آرتي وٺي ان پوڄا ۾ بهرو ورتو. مندرڪافي صاف سٿرو ۽ مڪمل ڪارپيٽيڊ هئو. آرتيءَ کانپوءِ ارداس ٿي، مندر جي عورت اسان کي آرتيون اسٽيج تي رکڻ لاءِ چيو ته مون کي انهن جي پنهنجائپ ڏاڍي وڻي.

آءٌ مٿو ٽيڪيندي ”ايڪ اونڪار“ پڙهيو؛ جيڪو بابا گرونانڪ جو ڏنل ڪلام آهي ۽ ان ۾ رب پاڪ جي هيڪڙائيءَ جو ذڪر ڪيل آهي. مندر جي عورت، پرساد ۾ هر هڪ کي هڪ اوچي قسم جو لڏون، انڊين سنيڪ ٽائيپ هڪ هڪ پوري، هڪ وڏو ڪيلو الڳ الڳ پيپر پليٽ ۾ وجهي ڏنا. ان کان اڳ ريگيولر پرساد ۾ وري باداميون، کاڄا ۽ ڪشمش رکيل هئي؛ جيڪو اسين پاڻ ئي ڪيترو به کڻي ڪري کائي پئي سگهياسين.

اسين مندر مان نڪري ‘Oak Tree Street’ ۾ آياسين، جتي نوين Patel’s Store تان هڪ گيلن کير جو ڪين خريد ڪيو ۽ ڀرسان ئي هڪ وڊيو لائبريريءَ ۾ ؛ هن ”لگان“ جي DVD موٽائي ڏني ته ڪائونٽر بواءِ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ نوين جي اڪائونٽ ۾ اها جمع ڪري ڇڏي. اُتي انيڪ هندوستاني فلمن جون سي.ڊيز/ڊي.وي.ڊيز ۽ وڊيو ڪيسٽ وي.ايڇ.ايس. پڻ رکيل هيون. ڪجهه مشهور ٽي وي سيريل به هئا. ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه پاڪستاني پروگرام به هجن. ڪيترائي ماڻهو پاڻ اها لائبريري گهمندي پنهنجي پنهنجي پسند جي ”سي.ڊي“ وغيره کڻي رهيا هئا.

نوين گهر اچي مون کان ‘Liquor’ لاءِ پڇيو ۽ منهنجي ناڪار تي هنن هڪ سافٽ ڊرنڪ جو ڪين ڪڍي ڏنو.اسين گڏجي رات جي ماني کاڌيسين. ان ڏينهن نيويارڪ ۾ هڪ خطرناڪ حادثو ٿيو هئو. ”لوئر مين هٽن“ ايريا ۾ طوفاني لهرن لڳڻ سبب هڪ وڏي فيري حادثي جو شڪار ٿي هئي. چوويهه ڄڻا زخمي ٿي هاسپيٽل پهتا هئا؛ جن جا ٽي.ويءَ تي انٽرويا اچي رهيا هئا. بقول نوين، نيوجرسيءَ جا ڪيترائي ماڻهو هڊسن نديءَ وٽ ڪارپارڪ ڪري ان ئي فيريءَ ۾ نيويارڪ وڃي نوڪري ڪندا آهن ۽ واپسيءَ ۾ پنهنجي ڪار کڻي گهر ايندا آهن؛ پر جيئن ته اُهو واقعو 3:30 بجه منجهند جو هئو، ان لاءِ مسافرن جو گهڻو تعداد عام سياحن تي ئي مبني هئو!

اڄ منهنجي آمريڪا وزٽ جي آخرين رات هئي؛ آءٌ وقت سجايو ڪرڻ لاءِ فلور سيٽنگ واري بيڊ تي پاڻ کي ڪمبل ۾ ويڙهيندي به رات جو 11:00 بجي تائين ڪجهه لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو رهيس.

ايندڙ ڏينهن 11-آڪٽوبر 2033ع تي صبح جو ساڍي ستين بجي نوين پنهنجي آفيس وڃي رهيو هئو؛ جو انتهائي تاديب منجهان مون سان موڪلائيندي ٻئين ڀيري پڻ پاڻ وٽ اچڻ جي آڇ ڪيائين. مون صرف خاموشيءَ مان سڀني تي هٿ رکندي کين “God Bless You!” چيو ۽ اٿي ڪري ساڻس ڀاڪر پائي موڪلايو.

پوءِ ته ڪجهه وقت ۾ سپنا ۽ ڪملا مون کي به ڪار ۾ نيوجرسيءَ جي ”نيوآرڪ ايئرپورٽ“ تي ڇڏڻ آيا. آءٌ اُتي هڪ ٽراليءَ ۾ سامان رکي پڇا ڪندي ان جاءِ تي آيس؛ جتان ”جان.ايف.ڪينيڊي ايئرپورٽ؛ نيويارڪ لاءِ بس هلڻي هئي. اُتي ڪائونٽر تي صرف نالو لکائڻو هئو، باقي پيسا وهيڪل اندر ڊرائيور کي ئي ڏيڻا هئا. 3:00 بجه چيو ويو هئو؛ پر ڊرائيور پنج منٽ کن ليٽ اچي سڏ ڪندي مسافرن کي پنهنجي الٽرا ماڊرن ويگن ۾ ويهاريو. نيو آرڪ ايئرپورٽ ٽرمينل ”اي“ تان ته صرف مان ۽ هڪ عورت ئي چڙهياسين؛ باقي ڀرسان ئي ٽرمينل ”بي“ تان پنج کن ٻيا مسافر به چڙهيا، پوءِ ته سڀيئي خلاصا تي ويٺاسين!

اسان واري ويگن 3:18 بجي ايلزبيٿ پورٽ ۽ بروڪلن برج ڪراس ڪندي اڳيان ”جي. ايف.ڪي. ايئرپورٽ“ طرف هلي رهي هئي. ”بروڪلن برج“  بنا ڪنهن ٿنڀي جي سهاري ”ايوب برج، سکر“ توڙي سڊني (آسٽريليا) جي ان پل جيان بيحد خوبصورت لڳي رهي هئي. اسين سمنڊ جو ڪنارو وٺي نيويارڪ شهر جا نظارا ڏسندا 4:00 بجي ”جي ايف ڪي“ ايئرپورٽ نيويارڪ جي شاندار گيٽ اندر داخل ٿياسين. ڊرائيور پهرين ‘Terminal-3’ تي اچي هڪ مسافر لاٿو ۽ پوءِ ‘Terminal-4’ جي ڊپارچر واري حصي ۾آيو؛ جتي مون سان گڏ ٻيا به ٽي مسافر لهي هيٺ ٿيا.

”جي.ايف.ڪي. ايئرپورٽ، نيويارڪ تي ماڻهن جي ڏاڍي ڀيڙ لڳي پيئي هئي. آءٌ وشال آسمان ڏانهن نهاريندي آمريڪا جي ڌرتيءَ تان آخرين ڀيرو خدا جو شڪر بجا آندو، جنهن جي فضل سان آءٌ اڄ پنهنجو هيءُ سفر پورو ڪندي آمريڪا مان واپس نڪري رهيو هوس. آءٌ جيئن ته هر هنڌ جيڪڏهن پيسا بچائي سگهندو آهيان ته بچائيندو آهيان؛ ان لاءِ مشين ۾ ٻه ڊالر وجهي ٽرالي کڻڻ بجاءِ پهرين پنهنجي بيگ کي وهيلس تي ريڙهي لائونج ۾ اندر آيس ۽ پوءِ نظر ڊوڙائيندي مڙيو ئي هڪ ٽرالي هٿ ڪري ورتي؛ جنهن تي بيگ ۽ شولڊر بيگ رکي رليڪس ٿي ويس.

آءٌ ايئرانڊيا ڪائونٽر تان لنڊن لاءِ بورڊنگ پاس ٺاهرائي. آمريڪا وارن هڪ پني تي مون کي ان وزٽ لاءِ ڇهن مهينن جي ويزا ڏني هئي؛ اُهو ڦاڙي ڪري پاڻ وٽ رکيائون ۽ ڪمپيوٽر ۾ ڪجهه تفصيلات داخل ڪيائون، باقي منهنجي پاسپورٽ ۾ آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي تاريخ جو ٺپو ئي لڳل هئو؛ هينئر اُتان نڪرڻ جو ٻيو ڪوبه ٺپو ڪونه لڳايو ويو. مان لنڊن لاءِ پنهنجي گيٽ نمبر 7-A تي اچي ويٺس. ڀرسان ئي KLM فلائيٽ وٽ ڏاڍي رش لڳي پيئي هي. آءٌ پنهنجي ڌن ۾ صوفا تي ويهي لکڻ جو ڪم ڪندو رهيس ۽ ايترو ته محو ٿي ويس؛ جو 6:00 بجي ڪنڌ مٿي کڻي ڏسان ته پوري فلور تي بلڪل شانت لڳي پيئي هئي!

’ايئر انڊيا‘ جا مسافر اڃا هينئر هڪ هڪ ٿي گيٽ ڏانهن اچي رهيا هئا. اُتي ٻيهر اسان جو پرسنل بيگيج، مشين ۾ وجهي چيڪ پئي ڪيو ويو. ان لاءِ مان به لائين ۾ بيهي پنهنجو سامان چيڪ ڪرائي پنهنجي بورڊنگ پاس پٺيان سيڪيورٽيءَ جو ٺپو لڳارائي ڇڏيو. اسان جي فلائيٽ 8:10 بجي آمريڪا جي ڌرتيءَ تي رڙهندي اڏام ڀرڻ جا سعيا ڪيا ۽ A I-112 بوئنگ 747 پنهنجي اسپيڊ پڪڙيندي 8:32 بجي شام جو آمريڪا کي الوداع ڪندي هوائن ۾ پهچي ويو!

اسين مونٽريال (ڪئناڊا) جي پاسي کان لنڊن وڃي رهيا هئاسين ۽ 5552 ڪلوميٽرن جو سفر  پوڻا ست ڪلاڪ لڳاتار پرواز ڪندي پورو ڪرڻو هئو. نيويارڪ جيٽائيم موجب اڌ رات جو 2:30  بجي ايئرڪرافٽ هيٿ رو ايئرپورٽ، لنڊن تي ليڊ ڪيو،ڪ پر اُتي سج جئين ته پنج ڪلاڪ اڳ ئي اڀري چڪو هئو، ان لاءِ اُتي 17 آڪٽوبر صبح 7:30 بجه ٿي رهيا هئا. لنڊن وارن مسافرن کان بورڊنگ پاس وٺي اڳيان موڪليو ويو؛ باقي جن مسافرن کي اڳيان هندوستان وڃڻو هئو؛ انهن کي ايئرپورٽ تي ئي هڪ مقرر احاطي ۾ ويهاريو پئي ويو.

هيٿ رو ايئرپورٽ تي مسافرن جي راهنمائي لاءِ ارائيول لاءِ ڪيترائي ”تير جا نشان“ لڳايل هئا؛ جنهن ڪري ڪافي پنڌ ايسڪليٽر تي اڳيان رڙهندي مونجهارو ڪونه پئي ٿيو. هڪ وڏي هال ۾  اميگريشن ڪائونٽر وٽ پهتاسين ته اتي برطانوي سلطنت  (يونائيٽيڊ ڪنگڊم) ۽ يوروپين يونين جي ميمبر  ملڪن وارن شهرين لاءِ الڳ لائين هئي؛ ته باقي پوري دنيا جي تمام ملڪن لاءِ الڳ لائين هئي. ان لحاظ کان مونکي انهن انگريز حڪمرانن طرفان تمام انسانن کي ملندڙ عزت افزائيءَ جو ڀرپور احساس ٿيو. ڇو ته جنهن لائين ۾ اسان هندوستانين کي بيهاريو ويو هئو. دنيا جي امير ترين ملڪ آمريڪا جي شهرين کي به ساڳي ئي لائين ۾ منهنجي پٺيان بيهڻو هئو! فطرتن اسان واري لائين ۾ رش وڌيڪ هئي، ته ان لاءِ وري ڪائونٽر به وڌيڪ کوليا ويا هئا. مون کي جنهن ڪائونٽر تي موڪليو ويو؛ اتي هڪ هندوستاني ٽائيپ ڇوڪري ويٺل هئي. هوءَ مون کان لنڊن ۾ اچڻ جو سبب، رهڻ جي جاءِ ۽ واپسيءَ جي تاريخ پڇندي تڪڙا تڪڙا سوال به ڪندي رهي ته بيحد مهذب نموني منهنجو پاسپورٽ ڏسي پنهنجي ملڪ جي ڏنل مخصوص ويزا واري پني مٿان انٽريءَ جو ٺپو به لڳائي ڇڏيو!

ان کانپوءِ وري ٻيهر ساڳئي ئي فلور تي اڳيان رڙهندڙ ايسڪيليٽر جي مدد سان اسين چڱو اڳيان آياسين ته پوءِ بيگيج بيلٽ واري هال ۾ پهتاسين. آءٌ مانيٽر ڏسي پنهنجي مخصوص بيلٽ تان وڃي پنهنجو سامان کنيو ۽ ٽراليءَ ۾ رکي اڳيان وڌياسين ته هڪ هنڌ ‘Not To Declare’ جو سائن بورڊ پڙهي ان دروازي ۾ داخل ٿيس.؛ پر اُتي ته ڪير به ڪسٽم آفيسر بيٺل ئي ڪونه هئو. ٿورو اڳيان وڌيس ته رستي تي ڪٿي هو ڪسٽم آفيسر ڪنهن مسافر جو بئگيج چيڪ ڪري رهيو هئو. باقي اسين لنگهي رهيا هئاسين هڪ  اسان کان ته ڪنهن پڇيو به ڪونه! واه مولا؟ اها آهي عزت انسان جي  ۽ هاڻ ته ممبئيءَ ۾ به ڪافي سڌري ويا آهن؛ پر انهن ڏينهن ۾ اسان وٽ اڃا ايترو کليل دماغ جا مالڪ ڪونه هوندا هئا!

آءٌ ٿورو ئي اڳيان وڌيس ته ان عمارت ٻاهران لوڪل بس اسٽينڊ وٽ بيٺو هوس. مون کي غريباڻي ايريا ”سائوٿال“ ۾ وڃڻو هئو؛ سو هڪ دوڪاندار کان ان جي پوري معلومات ورتي. سائينءَ جي مهر سان مون واري بس نمبر 105 به جلد ئي اچي ويئي ته آءٌ سامان سوڌو چڙهي اندر ٿيس؛ نه ته ٻاهر کليل هوا ۾ ٿڌ ايڏي هئي جو اصل سڪي وڃان ها!

”سائوٿال“ ۾ گهڻو ڪري هندوستاني ۽ ايشين ماڻهو ئي رهندا آهن؛ ان لاءِ اها ٿوري سستي ايريا آهي. مون کي جتي وڃڻو هئو؛ آءٌ اُتي پهچي پنهنجو بندوبست ڪري وهنجي سهنجي هيٺ وڃي بدر سورو کي فون ڪري آيس. ان ڏينهن مون کي ڪجهه بخار محسوس ٿي رهيو هئو، ان لاءِ ڪيڏانهن به ٻاهر نڪرڻ بجاءِ پورو ڏينهن سمهيو ئي رهيس. شام جو بدر سومرو آيو؛ جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر هئو ۽ لنڊن ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪري رهيو هئو. ڀاڪر پائي ملياسين. مون ان کي  پنهنجي ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڪتابن جو سيٽ ڏنو؛ جيڪي هن کي برٽش لائبريريءَ کي ڏيڻا هئا. هن ڀرسان ئي هلي ڪري پنهنجو گهر ڏيکاريو؛ جتي ايندڙ ڏينهن تي شام جو  هن منهنجي ماني به موڪلائي.

ڇنڇر 18- آڪٽوبر تي آءٌ سوير ئي صبح جو تيار ٿي ڀرسان هڪ گروسري شاپ کان هڪ ڏينهن جي بس پاس ورتي؛ جنهن ۾ لکيل ته ”ٻه پائونڊ“ هئو ۽ اوترن ئي پيسن ۾ مونکي ڏني به ويئي؛ پر فون ڪارڊ اُتي لکيل پيسن کان گهٽ قيمت تي ڏنو ويندو آهي. ان ڪائونٽر واري ڇوڪري ته کان ڪجهه راهنمائي وٺندي آءٌ شيفرڊ بُش طرف وڃي اتان بس بدلائي پڪاڊلي سرڪس پئي وڃڻ چاهيو؛ جتان وري ٻين بس ۾ ”ٽاور برج“ وڃڻو هئو! پر رستي تي جو اها بس ”ٽيريفلگر اسڪوائر“ وٽان لنگهي ته ان جي خوبصورتي ڏسي پهرين ته آءٌ اتي ئي لهي پيس.

ٽريفلگر اسڪوائر منهنجي خوابن جي دنيا هئي. ننڍي هوندي کان جڏهن به آءٌ لنڊن گهمڻ جو سوچيندو هوس ته ”ٽريفلگر اسڪوائر“ ۽ ”بگ بين“ گهڙيال منهنجي دل و دماغ تي ڇانيل هوندا هئا. هينئر آءٌ پاڻ ان ”ٽريفلگر اسڪوائر“ وٽ بيٺي ڏاڍي مسرت پئي محسوس ڪيئي. مون اُتي هڪ انگريز کي عرض ڪري پنهنجا ڪجهه فوٽو به ڪڍايا. اهو همراھ به ايڏو ته ڀلو ماڻهو هئو؛ جو جيڪڏهن آءٌ چوانس پيو ته ٻيلي! پٺيان بيڪ گرائونڊ ۾ بس وڃي ته پوءِ فوٽو ڪڍ؛ ته هوُ اهو به مسڪرائيندي ئي مڃي رهيو هئو!

آءٌ بس نمبر 15 پڪڙي ”ٽاور آف لنڊن“ تي وڃي لٿس؛ جتان پنڌ ئي پنڌ ”ٽاور برج“ طرف وڃڻ لڳس. ”ٽاور آف لنڊن“ اها عمارت هئي، جتي اندر هڪ ميوزيم هئو ۽ هندوستان جو ”ڪوهنور“ هيرو رکيل هئو. آءٌ پنڌ ڪندو ان ئي عمارت جي پٺيان پهتس ته وسيع باغيچن ۽ ٿيمس نديءَ جي ڪناري تي هوس. کاٻي طرف ٿيمس نديءَ مٿان ٽاور برج هئي ۽ چوطرف جيڏانهن نهار ته لنڊن جون حسين و جميل خوبصورت عمارتون سونهن ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ۾ هيون.

شام جو ”بيڪر اسٽريٽ“ تي ”ميڊم ٽساڊ“ ميوزم ڏسڻ ويس. اتي ته اندر داخل ٿيڻ سان هڪ عجيب دنيا هئي. مارلن منرو کان شروع ٿيندي دنيا جا تقريبن سڀ وڏا ماڻهو(اسٽيچو جي روپ ۾) اُتي موجود هئا. مون هڪ ايشين کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ عرض ڪيو، ته هن ڪجهه ڪراهت واري نموني ۾ جواب ڏنو ان تي  ڀرسان بيٺل هڪ انگريز پاڻ ئي مون کي چيو ته آءٌ ٿوري دير صبر ڪريان؛ پوءِ هو منهنجا سڀ فوٽو ڪڍندو. تڏهن خبر پيئي ته اُهو ئي ان ميوزيم جو مئنيجر هئو ۽ ٽائيم ختم ٿيڻ سبب سيڪيورٽيءَ کي چوندي سڀني ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. پوءِ ته ڪجهه دير پاڻ به الائي ڪيڏانهن هليو ويو تڏهن هيڏن سارن اسٽيچوز جي وچ ۾ آءٌ اڪيلو هوس! ڪجهه ڪجهه هارر فلم جيان ڄڻ ڀوائتو نظارو هئو! پر اهو همراھ جلدئي موٽي آيو. پوءِ ته  هن منهنجي ڏاڍي مدد ڪيئي مون ان همراھ کي ڪيمره ڏيئي ڇڏي ۽ جتي به چاهيو ته فوٽو ڪڍايو پئي!

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف سنڌين جي احتجاج کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟:سنڌ لاءِ سوچيندڙ ۽ جاکوڙيندڙ شخصيتن کان هڪ سوال؛سروي: شاهد ميراڻي

سيد زين شاھه (سنڌ ايڪشن ڪميٽي ) ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے