25 سومر , سيپٽمبر 2017

”ميندي“ ٺاهڻ ۽ ”رنگ“ تيز ڪرڻ جا ڪجهه ٽوٽڪا

mehndi”ميندي لڳائڻ جو شوق ڪنهن کي ناهي هوندو“، پر اڄڪلهه بازارن ۾ ملندڙ ميندي هٿن تي الرجي جو سبب بڻجندي آهي، ميندي لڳائڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ اوهان ميندي گهر ۾ تيار ڪري سگهو ٿا، جيڪا نه رڳو ڪيميڪل کان پاڪ هوندي آهي پر اها رنگ به بهتر ڏيکاريندي آهي.

ميندي تيار ڪرڻ جو طريقو: پيٺل تازي ميندي جيڪا خاص هٿن جي لڳائڻ جي هجي. ست کان اٺ لونگ جيڪي ميندي جي هڪ دٻي لاءِ ڪافي هوندا آهن. ٻه کائڻ وارا چمچا ڪافي پائوڊر جا، هڪ چمچو ليمي جو رس.

طريقو: لونگ ۽ ڪافي هڪ ڪوپ پاڻيءَ ۾ ملائي سٺي نموني مڪس ڪيو، جنهن کانپوءِ اُن مڪسچر کي اُٻاريو، باهه هلڪي رکي سٺي طرح پچائڻ کانپوءِ ڇاڻي وٺو. ميندي کي ڇاڻي ۽ هڪ چمچو ليمي جي رس جو گڏائي سٺي نموني مڪس ڪيو، چمچي جي مدد سان ڪافي ۽ لونگ جي مڪسچر کي ميندي ۾ وجهندي مڪس ڪندا وڃو، 30 ملي ليٽر عطر ميندي جا اُن پيسٽ ۾ شامل ڪيو ۽ پوءِ سٺي طريقي سان مڪس ڪيو، مڪسچر واري ٿانو کي پلاسٽڪ سان ڍڪي ربر بينڊ چاڙهي سڄي رات لاءِ رکي ڇڏيو، مڪسچر کي جيتري گرمائش ۾ رکيو ويندو ميندي جو اوترو رنگ تيز ٿيندو، جنهن کانپوءِ اِن ميندي کي ڪون ۾ ڀري استعمال ڪيو.

سٺو رنگ آڻڻ لاءِ هدايتون:

ميندي کي خشڪ ٿيڻ ڏيو:

ميندي کي خشڪ ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ لڳندو آهي، جستائين ميندي بلڪل خشڪ نه ٿي وڃي تيستائين پنهنجن وارن ۽ ڪپڙن کي اُن کان بچائي رکو.

ميندي دير تائين لڳائي رکو:

ميندي سڪڻ کانپوءِ به لڳائي رکو، جيتري دير تائين ميندي لڳل هوندي اُوترو ئي سٺو رنگ ڪندي، ميندي کي سڄي رات يا ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ لاءِ لڳائي رکو.

وڌيڪ تيز رنگ آڻڻ لاءِ:

ميندي سڪڻ لڳي ته اُن تي ليمي جو رس ۽ کنڊ ملائي لڳايو، خيال رهي ته مڪسچر سان ميندي کي هلڪو آلو ڪيو، وڌيڪ مقدار ۾ هڻڻ سان رنگ ڦهلجي سگهي ٿو.

هٿن کي گرم رکڻ لاءِ هلڪي ٻاڦ يا وري باهه سان سڪايو.

تئو گرم ڪري اُن تي ٻه يا ٽي لونگ رکي انهن کي گرم ڪرڻ کانپوءِ هٿ سڪايو.

ميندي کي هلڪن هٿن سان وڪس به لڳائي سگهو ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا توهان وارن جي واڌ ويجهه ۾ تيزي چاهيو ٿا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا توهان پنهنجي وارن جي واڌ ويجهه ۾ تيزي چاهيو ٿا پر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي