24 سومر , سيپٽمبر 2018

سيوهڻ ڌماڪو: انتظاميا شهيدن جا عضوا ڪچري جي ڍير تي اڇلي ڇڏيا

sehwan 2سيوهڻ شريف(ويب ڊيسڪ) لال شهباز قلندر جي مزار جي انتظاميا انسانيت جي تذليل ڪندي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جا جسماني عضوا ڪچري جي ڍير تي اڇلي ڇڏيا جن کي هاڻ دفن ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا 2 ڏينهن اڳ لال شهباز قلندر جي مزار تي آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿيل 80 کان وڌيڪ ڄڻن جا عضوا کڻي دفن ڪرڻ بدران مزار جي ڀرسان ڪچري جي ڍير تي اڇلي ڇڏيا جنهن بعد ماڻهن پاڻ انهن عضون کي کڻي هڪ گڏيل قبر ۾ دفن ڪيو. ڪچري ۾ پيل انساني عضون کي ڏسي ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو نه آڻي سگهيا ۽ انتظاميا کي آگاهه ڪيو. مزار جي گادي نشين سيد مهدي شاهه ان حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو ته آپگهاتي حملي کان پوءِ مزار جي صفائي اسان جي سامهون ڪئي وئي ۽ هنن عضون کي دفن ڪرڻ جي لاءِ موڪليو پر انتظاميا ائين ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف طرفان سنڌ ۾ نئون تنظيمي ڍانچو جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سنڌ ۾ نئون تنظيمي ڍانچو جوڙڻ جو فيصلو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے