25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

بيگناهه ماڻهن جي رت جو حساب هر صورت ۾ ورتو ويندو: صدر ممنون حسين

mamnoon hussainڪراچي(ويب ڊيسڪ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستاني عوام پنهنجي اتحاد سان ترقي خلاف هر سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو، دهشتگردن جو سندن پناهه گاهن تائين پيڇو ڪيو ويندو، هر صورت ۾ بيگناهه ماڻهن جي رت جو حساب ورتو ويندو. ڪراچي ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪي نٿا سگهن. هن چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي اتحاد سان ترقي خلاف هر سازش کي ناڪام بڻائيندو، دهشتگردن جو سندن پناهه گاهن تائين پيڇو ڪيو ويندو. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪن کي ترقي جي عمل ۾ شريڪ ڪرڻ چاهي ٿو، دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.  ممنون حسين چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ جاري آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو، بيگناهه ماڻهن جي رت جو هر صورت ۾ حساب ورتو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، لاڳاپن جي بهتري کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: وزيراعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے