19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد نه ڪرڻ حڪومت جي ناڪامي آهي: شاهه محمود قريشي

Shahmehmood In Sehwanسيوهڻ شريف(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بدقسمتي سان وفاقي حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ناهي ڪيو، نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد نه ڪرڻ حڪومت جي ناڪامي آهي، اڪيلي چوڌري نثار  کي نشانو بڻائڻ مناسب ناهي. سيوهڻ شريف جي دوري دوران تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درگاهه تي تعزيت ۽ ٻڌي جي اظهار جي لاءِ حاضر ٿيو آهيان. امن ۽ محبت جو درس ڏيڻ لاءِ ايندڙ کي نشانو بڻائڻ غور ڪرڻ جوڳور آهي، اهي آستانا ڪڏهن به بند نٿا ڪري سگهن. شاهه محمود قريشي چيو ته سيوهڻ ۾ دهشتگردي جو ڪو به سبب نٿو بڻجي. ماڻهو ذهني ۽ دلي سڪون جي لاءِ درگاهن تي ايندا آهن، درگاهن تي ماڻهو پنهنجا زخم ڀرڻ جي لاءِ ايندا آهن، سازش ڪرڻ نه، دهشتگردي جي واقعي تي ڏاڍي تڪليف ٿي آهي، عرس جي تقريبن ۾ سڄي جا ماڻهو هتي ايندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آئون سنڌ حڪومت کي درخواست ٿو ڪيان ته مريضن جو بهتر نموني علاج ڪرايو وڃي ۽ پنجاب ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿو ڪيان ته بند پيل مزارون کوليون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي انسان آهن، افغانين ۽ بنگالين کي اڄ نه ته سڀاڻي شهريت ڏيڻي پوندي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان مهاجرن کي شهريت ڏيڻ بابت قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے