26 اربع , سيپٽمبر 2018

سيوهڻ ۾ قلندر شهباز  جي مزار ويجهو ڌماڪو، 72 ڄڻا شهيد، 250 زخمي

Qalandar Shehbaz

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ): سيوهڻ ۾ شهباز قلندر جي درگاهه جي احاطي ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 72 کان وڌيڪ شهيد ۽ 250 کان وڌيڪ زائرين زخمي ٿي پيا آهن، ذريعن موجب امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن، جڏهن ته امدادي ڪارروائين ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، ڌماڪي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، ڌماڪي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، واقعي بعد حيدرآباد، ڄامشورو ۽ دادو مان ايمبولنسون گهرايون ويون آهن، جڏهن ته سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. جمعي رات هئڻ سبب زائرين جو وڏو انگ درگاهه ۾ موجود هو. سيوهڻ اسپتال جي ايم ايس جو چوڻ آهي ته 50 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، جن ۾ 12 عورتون ۽ 2 ٻارڙا به شامل آهن، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 250 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن ايس ايڇ او سيوهڻ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي بعد درگاهه مان 100 لاش ڪڍيا ويا آهن. ٻئي طرف تعلقي اسپتال جي ايم ايس، ايس ايڇ او سيوهڻ جي 100 لاش ڪڍڻ واري دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghotki: Unknown people strangled old woman to death

گهوٽڪي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هٿان گهر ۾ گهڙي پيرسن عورت گهٽا ڏئي قتل

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ گهڙي پيرسن عورت کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.اي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے