24 ڇنڇر , جون 2017

چهري جي موهيڙن کان بچڻ لاءِ ڪهڙين غذائن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي

menghilangkan-bekas-jerawat-batuاڪثر ڪيترن ئي ماڻهن جي چهري تي موهيڙا ٿيندا آهن، جنهن ڪري هو تمام گهڻا پريشان نظر ايندا آهن. ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي انهن موهيڙن کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڪي وري  انهن موهيڙن مان پريشان ٿي هو ڊاڪٽرن جو سهارو وٺڻ لڳندا آهن، ڪيترائي پئسا خرچ ڪرڻ باوجود سندن ڪو فرق ناهي پوندو جنهن ڪري هو تمام گهڻا پريشان ٿي ذهني دٻاءُ جا شڪار بڻجي ويندا آهن، موهيڙن مان پريشان ماڻهو ڊاڪٽرن سان صلاح مشهورو ڪرڻ باوجود کاڌ خوراڪ تي ڪو ڪنٽرو ناهن ڪندا جنهن ڪري سندن چهري تي موهيڙن جو انگ وڌي ويندو آهي، جيڪڏهن اوهان کي ان موهيڙن مان ڇوٽڪارو کپي ته اسان اوهان کي ڪجهه اهڙيون شيون ٻڌائينداسين جنهن تي ڪنٽرو ڪرڻ سان اوهان ان موهيڙن مان آزاد ٿي سگهو ٿا. (1) ان صورت ۾ بيضن جو استعمال نه ڪيو، (2) گوشت جو استعمال اوهان کي ان ۾ وڌيڪ مبتلا ڪري سگهي ٿو، (3) ڳاڙن مرچن کان پرهيز ڪيو، (4) موهيڙن کان ڇٽڪاري لاءِ گرم مصالي جو استعمال نه ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بصر جي استعمال سان وارَن جو ڪِرڻ بند

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهڻي قدر ماڻهو مٿي جا وارَ ڪِرڻ سبب پريشان رهندا آهن، جيتوڻيڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي