24 سومر , اپريل 2017

سرنهن جا پَنَ بيمارين جي علاج سان گڏوگڏ خوبصورتيءَ لاءِ به فائديمند

beautiڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري جي موسم ايندي ئي هر هنڌ سرنهن جا پَنَ نظر ايندا آهن، جيڪي ماڻهو انهن جي اهميت ڄاڻن ٿا، اهي سڄو سيارو انهن مان فائدو وٺندا آهن. سرنهن جو ٻِج، تيل ۽ پَنَ نه رڳو مختلف بيمارين ۽ تڪليفن، جهڙوڪ: چرٻيءَ ۾ واڌ، سنڌن جي سُور، هوڙن جي سوڄ ۽ ڏندن جي سور ۾ آرام ڏيندا آهن پر سُونهن ۾ پڻ اضافو ڪندا آهن.

1: چهري جا چُٽا

سرنهن جا پَنَ پيسي جسم تي مَلڻ سان مير، ڪارنهن ۽ چهري جا چُٽا صاف ٿين ٿا. توهان سرنهن کي ابٽن ۾ به شامل ڪري سگهو ٿا، جنهن سان چهرو صاف ٿي پوي ٿو.

2: خارش سان ٿيندڙ نشان

سرنهن جي پَنَن ۾ جيوڙن جي خاتمي (اينٽي بيڪٽيريل) جون خاصيتون به هونديون آهن. خارش جا نشان ختم ڪرڻ لاءِ سرنهن جي پَنَن کي پيسي ان جاءِ تي لڳايو ۽ ڪجهه منٽن کانپوءِ گرم پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو، جيڪڏهن نشان رهجي وڃن ته سرنهن جو پيسٽ استعمال ڪيو.

3: موهيڙا

سرنهن ۾ وٽامن اي گهڻي مقدار ۾ هوندي آهي، جيڪا سڻڀ کي روڪي ٿي، جنهن سان موهيڙا ناهن ٿيندا. پَنَن ۾ موجود وٽامن چهري جي ٽشوز کي مضبوط بڻائي ٿي. موهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ سرنهن جي پَنَن جو جوس ٺاهي به پي سگهجي ٿو ۽ ماسڪ ٺاهي به چهري تي لڳائي سگهجي ٿو.

4: رنگ صاف

سرنهن جي ٻِجن کي تَئي تي ڀُڃي پيسي ڇڏيو. انهن ۾ سرنهن جي پَنَن جي رَس ملائي پيسٽ ٺاهي چهري تي لڳايو ۽ هٿ سان هلڪو مساج ڪيو، پوءِ هلڪي گرم پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو. اهو عمل توهان جي چهري کي چمڪائي ڇڏيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

04

وار ۽ خوبصورتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وارن جو حسن عورتن جي خوبصورتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي پر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي