23 آچر , سيپٽمبر 2018

ٻرندڙ ڏيئو

download (4)ڀائو! هر دم پڙهجي علم،

جٿ ڪٿ خوب پکڙجي علم.

 

علم ته آهي ٻرندڙ ڏيئو،

روشنين جي ڀر ۾ جيئو.

 

علم ڏيکاري واٽ سنئين،

علم ڏئي ٿو ڄاڻ نئين.

 

علم جهالت جي لئه موت،

علم نه ٿيندو آهي فوت.

 

علم انسان جي آهي اک،

علم بنا ڄڻ ناهي اک.

 

علم ڏينهن آ، ناهي رات،

”بيخود“ جي ٻڌ بهتر بات.

هي به ڏسي سگهو ٿا

امان

امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو! پڙهڻ ٿي هوءَ چاهي رڪاوٽ نه ٿيو.   نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے