22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سڄي جڳ جا ٻالڪ اسان کي پيارا

imagesسڀئي خوبصورت سڀئي سونهن وارا،

سڄي جڳ جا ٻالڪ اسان کي پيارا.

 

هي اسپين، سنڌ ۽ فلسطين وارا،

عراقي، ايراني ۽ هي چين وارا،

سمورن تان صدقي نرالا نظارا.

 

هجي ترڪ، يا عرب،  ڀوٽان وارو،

نه ٻالڪ ٿئي ٿو اندر جو ڪو ڪارو،

امن جي علامت نماڻا، نيارا.

 

بنگالي، هي برمي يا مصري، سوڊاني،

سڀئي ٻار قدرت جي ” بيخود“ نشاني،

هجن ذات ڪهڙي، هجن ڀورا،  ڪارا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

امان

امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو! پڙهڻ ٿي هوءَ چاهي رڪاوٽ نه ٿيو.   نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے