26 جمعو , مئي 2017

وارَن جي مضبوطيءَ لاءِ غذائن جو استعمال

strongڪراچي (ويب ڊيسڪ) وارَ انساني خوبصورتيءَ جو اهم حصو هوندا آهن، جن جي سار سنڀال ڪرڻ ضروري آهي. اڪثر ماڻهن جا وار ننڍي ئي عمر ۾ ڪري پوندا آهن، جنهن جي ڪري هو گهڻا پريشان رهندا آهن ۽ اهو مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ هو ڊاڪٽرن سان پڻ صلاحون ڪندا آهن، جنهن کانپوءِ ڪيترين ئي مهانگين دوائن ۽ ٻين شين جي استعمال باوجود سندن وارَ ڪرڻ بند ناهن ٿيندا. ڇا توهان کي خبر آهي ته غذائن جو استعمال به وارَن لاءِ ڏاڍو اهم آهي. اسان توهان کي ڪجهه اهڙيون غذائون ٻڌائي رهيا آهيون، جيڪي استعمال ڪري توهان پنهنجا وارَ مضبوط ڪري سگهو ٿا.

پالڪ قدرتي ڀاڄي آهي، جنهن جو استعمال وارن کي مضبوط ڪري ٿو، ان کانسواءِ مڇي جو استعمال به وارن لاءِ فائديمند آهي. ماهرن موجب ميوا کائيندڙ ماڻهن جا وارَ ناهن ڪرندا، ان سان گڏوگڏ ڪدو کائي به توهان پنهنجا وارَ مضبوط ۽ ڪِرڻ کان بچائي سگهو ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

08

ننڍين اکين کي پراثر ڏيکارڻ جو طريقو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اکين جي چئني پاسن کان ميڪ اپ ڪرڻ کان احتياط ڪيو، اکين کي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي