26 اربع , سيپٽمبر 2018

پاناما ليڪس جا انڪشاف

اڄ جي دور کي ڪمپيوٽر ايج يا ڪمپيوٽر جو زمانو چئجي ٿو، سو ڪمپيوٽر جا جتي ڳچُ فائده آهن، اتي ان جا ڪجهه نقصان به آهن. ڪمپيوٽر کي جي وائرس لڳي وڃي ٿو ته اتي گَڏُ ڪري رکيل سمورا فائيل ڪرپٽ يعني هڪ لحظي ۾ ختم ٿي وڃن ٿا، ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته ماڻهوءَ جي سڄي ڪَئي ڪمائي چَٽُ ٿي وڃي ٿي. نه رڳو ايترو پر هيڪر ڪنهن جي معلومات، ويب سائيٽ ۽ اي ميل هيڪ ڪري ان کي غلط استعمال ڪري سگهن ٿا. سو ڪمپيوٽر کي وائرس لڳڻ ۽ هيڪرن جا ڪرتب ته روز جو معمول آهن پر ڪمپيوٽر جي هن دنيا ۾ بازي بازي اهڙا واقعا به ظاهر ٿين ٿا، جيڪي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏين ٿا.

ڪجهه سال اڳ هندستان جي تهلڪا ڊاٽ ڪامُ ملڪ جي بچاءَ کاتي جا ڪَمَ ۽ ڪرتوت پڌرا ڪري ملڪ اندر ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو، ائين ئي ويجهڙ ۾ وڪي ليڪس دنيا جا سفارتي راز فاش ڪري گهڻن جا چهرا وائکا ڪري ڇڏيا هئا، تازو ٻه ڏينهن اڳ پاناما ليڪس وري هِڪُ نئون پينڊورا باڪس کوليو آهي، جنهن جي لپيٽ ۾ سڄي دنيا جي حڪمرانن، ڪاروباري شخصيتن ۽ اداڪارن، فنڪارن کان ويندي اسان جي ملڪ جي اهم شخصيتن بابت به اهم انڪشاف آهن، جن سڄي دنيا ۾ ته هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي پر اسانجي ملڪ ۾ به ”ڏي سوال وٺ جواب“ جو طوفان مچائي ڇڏيو آهي.

پاناما ليڪس دنيا جي انهن ڪردارن جو پردو چاڪِ ڪيو آهي، جن جون آف شوز ڪمپنيون آهن ۽ اهي انهن ذريعي دنيا ۾ ڌنڌو، ڪاروبار ۽ وڻج واپار ڪري رهيا آهن آف شوز ڪمپني، اهڙي ڪمپني، فِرِمِ يا ڪارپوريشن کي سڏجي ٿو جيڪا پنهنجي ملڪ نه پر ولايت ۾ قائم هجي. يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته اهڙي ڪمپني جنهن جا بنياد ته پنهنجي ملڪ ۾ آهن پر ان جي شاخ طور باقي دنيا ۾ ڪاروبار ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرڏيهه ۾ آف شوز ڪمپني قائم ڪري سگهجي ٿي. آف شوز ڪمپني رکڻ عامُ طرح ڪو غيرقانوني ڪم ناهي، مورڳو اهڙين ڪمپنين کي وڏي پيماني تي ڪاروباري سودا ڪرڻ ڏانهن اهم قدم سمجهيو وڃي ٿو.

چون ٿا ته هڪ سال اڳ هڪ نامعلومُ شخص جرمنيءَ جي سڀ کان وڏي اخبار زيدوئچي سائوتنگ سان رابطو ڪيو ۽ اخبار کي موساڪ فونسيڪا جا اندروني دستاويز فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، موساڪ فونسيڪا هر شيل ڪمپنيءَ لاءِ هڪ فولڊر ٺاهيو هو، جنهن ۾ ڪمپني جون اي ميلز، لهه وچڙ، لکپڙهه ظاهر ۽ لڪل سڀ معلومات رکي وئي هئي. اخبار رابطو ڪندڙ شخص سان جڏهن هائوڪار ڪئي ته ان کانپوءِ اخبار کي ان شخص طرفان معلومات ملڻ جو سلسلو ايترو ته تيز ٿي ويو جو هن جيڪا معلومات اخبار کي فراهم ڪئي تنهن جي سطح وڌي ٻه ڏهائي ڇهه (2.6) ٽيڊا بائيٽ تي پهچي وئي.

هن معلومات کانپوءِ ان جو جائزو وٺڻ لاءِ تحقيقي صحافين جي عالمي تنظيم ڪنسورشيم آف انٽرنيشنل جرنلسٽس کان مدد ورتي وئي: هن ڪنسورشيم ذريعي دنيا جي لڳ ڀڳ هڪ سئو ميڊيائي تنظيمن ۽ اَسي ملڪن سان سلهاڙيل چار سو صحافي جرمنيءَ جي اخبار زيدوئچي سائتونگ کي نامعلوم شخص طرفان فراهم ڪيل ڪاغذ پٽن جي تحقيق ۽ کوجنا جي ڪَمَ ۾ جنبي ويا. سو چئي سگهجي ٿو ته پاناما ليڪس جرمنيءَ جي مٿي ڄاڻايل اخبار کي نامعلوم شخص طرفان فراهم ڪيل دستاويزن تي دنيا جي چار سئو چونڊ صحافين جي انويسٽيگيٽو يا ائين کڻي چئجي ته تحقيقي ڪم جو نتيجو آهي، جنهن دنيا کي مٿي تي هَٿَ ڏئي ڇڏيا آهن. هن سڄي معاملي ۾ هڪ شي ۽ جيڪا صحافتي اصولن آڌار ٿي آهي، سا اِها آهي ته موساڪ فونيسڪا جا دستاويز فراهم ڪندڙ شخص/ذريعي جو نالو پڌرو نه ڪيو ويو آهي، جنهن جرمن اخبار کي اهم معلومات يا دستاويز فراهم ڪرڻ جي موٽ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو معاوضو يا مالي فائدو ته نه طلبيو هو پر پنهنجي سلامتيءَ لاءِ ڪجهه خاطريون ضرور گهريون هيون.

پاناما ليڪس کانپوءِ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ظاهر ٿيل رازن تي آسٽريليا، نيوزيلينڊ، آسٽريا، برازيل، فرانس،سوئيڊن ۽ برطانيا ۾ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آئيس لينڊ ۾ مخالف ڌر جي جماعتن وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي.

جيتري قدر اسانجي ملڪ جو تعلق آهي ته شريف خاندان کان ويندي، گجرات جي چوڌري خاندان تائين، محترمه بينظير ڀٽو ۽ رحمان ملڪ کان ويندي خيبرپختونخواهه جي سيف الله خاندان تائين جي پرڏيهه ۾ آف شوز ڪمپنيون هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پاناما ليڪس جيڪي دستاويز پڌرا ڪيا آهن سي 1970 کان 2016 تائين جا تفصيل آهن، جن ۾ ٻه لک 14 هزار ڪمپنين جي معلومات موجود آهي.

پاناما ليڪس ٻڌايو آهي ته سعودي بادشاهه، روسي صدر، بشار الاسد، حسني مبارڪ، ڪرنل قذافي، صدام حسين سميت اهم عالمي اڳواڻن جون ٻين ملڪن ۾ ملڪيتون ۽ ڪاروباري ڪمپنيون آهن.

دنيا کي ڪمپيوٽر جي اڄوڪي زماني ۾ عالمي ڳوٺ سڏجي ٿو سو پاڪستان به انهيءَ عالمي ڳوٺ جو حصو آهي، ائين دنيا ۾ جيڪا تڌ پئي ٿي تنهن جو اثر به اسانجي ملڪ تي پئي ٿو ۽ جيڪو گرمُ واءُ لڳي ٿو تنهنجو تَئوُ به محسوس ٿئي ٿو. اهڙي طرح پاناما ليڪس کانپوءِ گذريل ٻن ڏينهن کانپوءِ سياستدانن جي بندوقن جا رخ انهن ڪردارن ڏانهن آهن، خاص ڪري وزيراعظم ميان نواز شريف جي خاندان ڏانهن آهن، جنهن جي ولايت ۾ ڪمپنين ۽ دولت جو نه رڳو پاناما ليڪس انڪشاف ڪيو آهي پر سندس فرزند حسين نواز ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ آف شوز ڪمپنيون هئڻ جو انڪشاف به ڪيو آهي.

پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ڪاروباري ڪمپنيون يا ائين کڻي چئجي ته آف شوز ڪمپنيون هڪ ته ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ قائم ڪيون وڃن ٿيون، ٻيو ته ٽيڪس ۽ مهانگن اگهن کان بچڻ لاءِ اهي ڪمپنيون قائم ٿين ٿيون. سو جي اهڙيون ڪمپنيون فقط واپار کي وڌائڻ لاءِ جائز نموني قائم ٿيون آهن ته انهن تي ڪنهن کي اعتراض نه هئڻ گهرجي پر جي انهن ڪمپنين جي لاءِ ملڪ جو ناڻو استعمال ٿيو آهي، ڪرپشن جو ناڻو استعمال ٿيو آهي، ٽيڪس چوريءَ جي مد ۾ ملڪ کي نقصان رسايو ويو آهي ته ان تي ڪارروائي ضرور ٿيڻ گهرجي. وزير اعظم نواز شريف به قوم کي خطاب ۾ پاناما ليڪس ذريعي ٿيل انڪشاف تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪئي آهي. نه رڳو ايترو پر معاملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي. سو اميد ڪري سگهجي ٿي ته ڪميشن جي جاچ بعد اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا ۽ سچ ۽ ڪوڙ ظاهر ٿي پوندو.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان – هندستان ڇڪتاڻ هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي…

پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ حڪومت سازيءَ جي عمل مڪمل ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے