19 اربع , سيپٽمبر 2018

زمين جي تڪرار ۾ زيان ٿيل اُملهه انساني حياتيون

چوندا آهن ته زندگي ”اُملهه“ آهي، جنهن جو ڪو مُلهه، ڪا قيمت نه ٿي هجي پر اسَهَپَ ۽ عدم برداشت واري اسان جي سماج ۾ معمولي ۽ خصيص ڳالهه تان ماڻهو مارڻ جي اهڙي ته گندي روايت قائم ٿيل آهي جو انسان جي زندگي پکي ۽ جانور جي زندگيءَ کان به سستي ٿي وئي آهي.

آچر ڏينهن ڳڙهي خيري ۾ ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ لحظي ۾ اَٺ قيمتي جانيون ضايع ٿيون. مارجي ويلن ۾ به سڳا ڀائر به شامل هئا، چيو وڃي ٿو ته علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ ڳچ عرصي کان تڪرار هلندڙ هو، آچر ڏينهن ٻن ڄڻن جي قتل کانپوءِ هٿياربندن ڳوٺ باداڻي تي هلان ڪري هڪ ئي خاندان جي 6 ڄڻن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ميڊيا ئي اطلاعن موجب هو نعرا هڻندا ايئن فرار ٿي ويا ڄڻ ڪو وڏو ڪوٽُ کٽي آيا هجن.

ڏٺو وڃي ته هي خوني جهيڙا ۽ قبيلائي تڪرار به سنڌ لاءِ ورهين کان وٺي ايئن ئي ڪارو داغ بڻيل آهن جيئن ڪارو ڪاريءَ جي ڪڌي رسمَ، ننڍي عمر جون شاديون، سڱ چٽي ڏيڻ توڙي زوريءَ مذهب مٽائڻ جهڙا معاملا اسان جي سماج لاءِ بدنامي ۽ بدناموسيءَ جو معاملو بڻيل آهن. قانون تي عمل کان ڪن لاٽار ۽ ذميوار ادارن ۽ فردن جي لاپرواهي ۽ غفلت واري رويي جي ڪري ئي اهي ڪڌيون ريتون ۽ رسمون سنڌ جي ڪنڌ ۾ پيل آهن. اصل ۾ وڏيري، صوبيدار ۽ تپيدار، سياستدان، پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنر، ضلعي انتظاميا جي ڳٺ جوڙ جو ئي نتيجو آهي جو دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي پر سنڌ قبيلائي جهيڙن ۽ ڪارو ڪاريءَ جهڙين ڪُڌين ريتن ۾ ڦاٿل آهي. سنڌ ۾ اڄ به ڳاڙهي ويس ۾ لانئن واري رات خانزادي ڪاري ڪري ماري وڃي ٿي ۽ زمين تان هڪ لحظي ۾ ڪيئي انسانن جا لاش ڪيرايا وڃن ٿا، ايئن جيئن ڳڙهي خيري ۾ ٿيو آهي.

چون ٿا ته هن واقعي جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو هو پر اها هڪ ته پري کان بيهي روايتي طور سمورو تماشو ڏسندي رهي ۽ جاءِ واردات تي تڏهن آئي جڏهن سڀ ڪجهه تين وال ٿي ويو. متاثر ڪٽنبن جي سوڳوار عورتن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته اهي جهيڙي واري ڏينهن ڪلامُ پاڪ کڻي حد جي ڊي ايس پيءَ ڏانهن ويون، کيس ٻڌايو ويو ته صورتحال سنگين آهي، ڇڪتاڻ وڌيل آهي، جنهن جي ڪري ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، سو پوليس مقرر ڪيو پر هن ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي، هن صورتحال تي ضابطي لاءِ ڪي به اڳواٽ قدم نه کنيا، جنهن جي ڪري هيءُ واقعو پيش آيو، هن وس وارن کي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

ٻئي پاسي ايس ايس پي جيڪب آباد ساجد کوکر جو چوڻ آهي ته ڳوٺ تي حملي کان اڳ جيڪي ٻه ڄڻا مارجي ويا هئا، تن ۾ حميد ڏاهاڻي نالي ڏوهاري به شامل هو، جنهن جي سِر تي سنڌ سرڪار طرفان 20 لک انعام به رکيل هو، جڏهن ته ماريل ڳوٺاڻن جي عورتن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ڀرسان 600 جريب زمين سندن ملڪيت آهي، جن جا وٽن ڪاغذ به آهن، اهي اختيارين کي ڏيکاريا به ويا پر ڪو دادُ فريادُ نه ٿيو.

ڏٺو ويو آهي ته قبيلائي تڪرارن جو گهڻو ڪري ڪارڻ زمين هجي ٿي، دولت يا ڪي سڱاوتي تڪرار، سنڌ ۾ روينيو ريڪارڊ هيرا ڦيريءَ جي ور چڙهيل هئڻ ڪري جهيڙا، سي به جاني تڪرار ۽ انهن ۾ ڪيئي انساني زندگيون ضايع ٿيڻ ڄڻ ته معمول بڻجي ويو آهي. زمين جي تڪرار تان ئي ڪچي ۾ لاشاري-ڪلهوڙا تڪرار اڀريو هو، پاڳارو-کهڙو تڪرار هجي يا گاد-کهڙا تڪرار ۽ اهڙا ٻيا تڪرار انهن جو ڪارڻ زمين ئي هجي ٿي.  هڪ ته انهن زمينن تي قبضا ٿين ٿا جيڪي هجن ته سرڪاري ٻيلا ۽ سرڪاري ملڪيت ٿيون پر اهي قبضي ۾ ڪيون وڃن ٿيون، جن جا هڪ کان وڌيڪ دعويدار پيدا ٿيڻ جي ڪري خوني تڪرار ڪَرُ کڻن ٿا. هاڻي سنڌ سرڪار جيتوڻيڪ سموري سنڌ ۾ روينيو رڪاڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ جو ڪم هٿن ۾ کنيو آهي، جيڪو هڪ درست قدم آهي پر کاتن ۾ ڦيرڦار، هڪڙن جا کاتا ٻين کي لکي ڏيڻ ۽ هڪ ئي زمين جا هڪ جهڙا کاتا ڪيترن ئي دعويدارن کي ڏوڪڙن تي ٺاهي ڏيڻ جي ”مختارڪاري“ آفيسن ۾ جيڪا گندي روايت پيل آهي، تنهن ڀاءُ کي ڀاءُ سان، گهر کي گهر سان ۽ پاڙي کي پاڙي سان ويڙهائي هڪ ٻئي جي سامهون بيهاري ڇڏيو آهي.

ههڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ تازي زميني رڪارڊ بدران زمين جي پراڻي رڪارڊ کي سامهون رکي هڪ ته غلط کاتن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي ٻيو ته جن به ڪوڙا کاتا ٺهرايا آهن تن کي ۽ جن اهڙا کاتا ٺاهي ڏنا آهن، انهن کي ان تحت سزا ڏيڻ گهرجي نه رڳو ايترو پر سنڌ جو روينيو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ وارو ڪم به جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، ڇوته ان سان هڪ ته ڪاغذي رڪارڊ ۾ کاتن سان جيڪا هٿ چراند ٿئي ٿي، سا ختم ٿي سگهندي. ٻيو ته کاتيدارن لاءِ پنهنجو رڪارڊ ڪمپيوٽر تي چيڪ ڪرڻ ۽ ان کي جيئن جو تيئن برقرار رکڻ به سهنجو هوندو. گهڻا تڪرار ٻيلي جي زمين تي قبضن تان جنم وٺن ٿا، سو سرڪار ٻيلن تان قبضا ڇڏائي تيزيءَ سان تباهه ٿيندڙ ٻيلن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انهن جي پرگهور جو سلسلو به شروع ڪيو وڃي، ڇو جو سرڪاري سطح تي ٻيلن جي وارثيءَ سان سرڪاري زمين جا هي جيڪي کوڙ دعويدار ۽ وارث پيدا ٿين ٿا. هڪ ته انهن جو خاتمو ممڪن ٿي سگهندو، ٻيو ته تيزيءَ سان تباهه ٿيندڙ ٻيلن جي تباهيءَ جو سلسلو به رُڪجي سگهندو.

جيتري قدر ڳڙهي خيري واري واقعي جو تعلق آهي ته ان جو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به نوٽيس ورتو آهي، سو اميد ڪري سگهجي ٿي ته ان معاملي جي جاچ ڪري ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ سان گڏوگڏ متاثرن کي انصاف فراهم ڪيو ويندو. ٻيو ته سٺي ساک رکندڙ سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجا جو به فرض ٿئي ٿو ته هو هن معاملي ۾ پوليس طرفان ڏيکاريل لاپرواهيءَ جو نوٽيس وٺندي ذميوارن خلاف ضرور ڪارروائي ڪري ته جيئن آئينده عوام جي تحفظ جو ذميوار ڪوبه آفيسر يا عملدار اهڙي لاپرواهي نه ڪري جنهن سان هڪ پل ۾ ڪيئي زندگيون ضايع ٿين، جيئن ڳڙهي خيري ۾ ٿيو آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين بجيٽ ۽ ٽيڪسن جو سوال….

گذريل حڪومت ويندي ويندي جيڪا ٽن مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي هُئي، ان بعد تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے